اسٽيپ فائونڊيشن جي ليڊيز ونگ سان گڏجاڻي

اسٽيپ فائونڊيشن جي ليڊيز ونگ سان گڏجاڻي

سکر(رپورٽر) شائسته بلوچ جي اسٽيپ فائونڊيشن جي ليڊيز ونگ سان گڏجاڻي، تنظيم جي بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي تفصيل موجب: اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن شائسته بلوچ اسٽيپ فائونڊيشن جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻن ڊاڪٽر شبانا شيخ، زويا ،ثنا، چنا، راڻي ۽ ٻين سان گڏجاڻي ڪئي ۽ حال احوال ڪيو اهڙي ميٽنگ اسٽيپ فائونڊيشن جي آفيس ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن شائسته بلوچ ليڊيز ونگ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪٿي به عورتن يا ڪنهن به مظلوم ماڻهن سان ڏاڍ جبر ظلم ٿي ٿو ته اهي نشاندهي ڪرائن ته جئين ان بهترين کي طريقي سان گڏجي حل ڪجي هن وڌيڪ چيو ته تنظيم جي سڀني عهديدارن توڙي ميمبرن تي مونکي ناز ۽ فخر آهي جو هو مون سان هر موڙ تي گڏ آهن، گڏجاڻيءَ ۾ تنظيم جي بهتري تي پڻ ڳالھ ٻولهه ڪئي وئي.