شائستہ بلوچ اور آل پاکستان جاگیرانی

شائستہ بلوچ اور آل پاکستان جاگیرانی


روہڑی: دبر گاؤں کابل جاگیرانی میں شائستہ بلوچ اور آل پاکستان جاگیرانی اتحاد کے چیئرمین رفیق جاگیرانی کی قیادت میں میل منّت کا قافلہ پہنچا۔ چند روز قبل جاگیرانی برادری کے دو گروپوں میں جھگڑا ہوا تھا، جس کے دوران ایک نوجوان عبدالقدیر جاگیرانی جاں بحق جبکہ کئی افراد زخمی ہوگئے تھے۔ واقعے کے بعد علاقے میں کشیدگی پیدا ہوگئی تھی، جس سے دیہاتیوں میں خوف اور بےچینی کی فضا قائم تھی۔

میل منّت قافلے نے مقتول کے ورثاء سے ملاقات کر کے انہیں دلاسہ دیا اور صبر کی تلقین کی۔ رہنماؤں نے کہا کہ ایسے تنازعات اور جھگڑوں کو بات چیت اور صلح کے ذریعے ختم کرنا چاہیے تاکہ مزید جانی نقصان سے بچا جا سکے۔ قافلے نے علاقے کے معتبرین اور برادری کے عمائدین سے بھی گفتگو کی اور امن قائم رکھنے کے لیے مشترکہ حکمت عملی پر زور دیا۔

جاگیرانی برادری کے معتبر شخص ہادی بخش جاگیرانی نے میل قافلے کا خیرمقدم کیا اور ان کی کوششوں کو سراہا۔ مقامی لوگوں نے بھی امید ظاہر کی کہ منّتوں اور بات چیت کے ذریعے علاقے میں دوبارہ امن و بھائی چارہ قائم ہو گا۔


(Sindhi)


روهڙي: دبر ڳوٺ ڪابل جاگيراڻي ۾ شائسته بلوچ ۽ آل پاڪستان جاگيراڻي اتحاد جي چيئرمين رفيق جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو پهتو. ڪجهه ڏينهن اڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران هڪ نوجوان عبدالقدير جاگيراڻي قتل ٿي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا هئا. واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جي لهر ڇانيل هئي.

ميڙ منٿ قافلي پهچي مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪري کين دلاسو ڏنو ۽ کين صبر جي تلقين ڪئي. اڳواڻن چيو ته اهڙين تڪرارن ۽ جهيڙن کي ڳالهين ۽ صلح ذريعي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهجي. قافلي علائقي جي معتبرن ۽ برادري جي ماڻهن سان پڻ ويهي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ امن قائم رکڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي زور ڏنو.

جاگيراڻي برادري جي چڱي مڙس هادي بخش جاگيراڻي ميڙ قافلي کي ڀليڪار ڪيو ۽ سندن ڪوششن کي ساراهيو. مقامي ماڻهن پڻ اميد ظاهر ڪئي ته منٿن ۽ ڳالهين جي ذريعي علائقي ۾ امن ۽ ڀائيچارو ٻيهر قائم ٿيندو.